سوچ جو سفر

سوچ جو سفر

سوچ جو سفر

سوچ جو سفر (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري اديب انعام شيخ جو، يورپ/ مغرب جي ڏاهن، سورمن ۽ ڪلاڪارن جي ڏاهپ، سورهيائي ۽ ڪلا جي روشنيءَ ۾، سندن سوانحي خاڪن تي مشتمل آهي. مغرب ۾ فڪر ۽ ڏاهپ جي اوسر ۾ جن وڏين شخصيتن جو حصو آهي، تن مان اڪثر جو هن ڪتاب ۾ تذڪرو موجود آهي. انهن شخصيتن مان: جون آف آرڪ، مارٽن لوٿر ڪنگ، سر فرانس نڪولس بيڪن، ڊيڪارٽ، جان لاڪ، اسپنوزا، جارج بشپ برڪلي، والٽيئر، روسو، ڪانٽ، شوپنهار، شيلي، ڪارل مارڪس، رچرڊ برٽن، فيودر، دوستو وسڪي، فريڊڪ نٽشي، لينن، سمرسيٽ ماهم، آئنسٽائن، ٽراٽسڪي، جبران خليل، ڪافڪا، ماياڪووسڪي، جين پال سارتر، گارشيا مارڪئيز، چي گويرا وغيره جو ذڪر آهي. نور احمد ميمڻ (چيئرمئن سنڌيڪا اڪيڊمي) جي پبلشر نوٽ کان پوءِ نامور نقاد سراج جا ٻه اکر آهن، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته: ”ترجمو هڪ ڏکيو فن آهي . . . انعام شيخ، تُز ۽ ديانت ڀريو ترجمو اُن لاءِ ڪري سگهيو آهي، جو هن وٽ فلسفي ۽ ادب جي بنيادي ڄاڻ به آهي. هن جيڪي به ترجما ڪيا آهن، تن جي اڳيان ڏنل مختصر مهاڳن مان ئي ان لياقت ۽ صلاحيت جو اندازو ٿي وڃي ٿو.“
هن ڪتاب جو انتساب ليکڪ پنهنجن وڏن جي نالي هيٺينءَ ريت ڪيو آهي: ”پنهنجن انهن وڏڙن جي نالي، جن هڪ صدي اڳ، پنهنجو ويساههُ مٽائي، ساهه کي سنڌ جي سرزمين سان سلهاڙي رکيو ۽ مون کي ڀارت جي شرنارٿي ڪٽنب جو واسي بڻجڻ کان بچائي ورتو.“
ڪتاب جي آخر ۾ ڏسڻي (Index) به ڏنل آهي. ڊيمي سائيز جي 504 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ، پهريون ڇاپو 1996ع ۾، ۽ ٻيو ڇاپو 1997ع ۾ پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو